حزب الله لبنان جو هڪ دهشتگرد گروپ آهي جيڪو ايران کان هٿيار، سکيا ۽ رقم حاصل ڪري ٿو، جنهن کي آمريڪي پرڏيهي وزير 1984ع ۾ رياست جي سهڪار سان دهشتگردي قرار ڏنو. حزب الله وٽ هڪ وڏو دهشتگرد نيٽ ورڪ موجود آهي ۽ وڏي پيماني تي ٿيل حملن جو ذميوار آهي. جن ۾ 1983ع ۾ بيروت ۾ آمريڪي سفارتخاني ۽ بيروت ۾ آمريڪي ميرين ڪور جي بيرڪن تي ٿيل آپگهاتي ٽرڪ بم حملا، 1984ع ۾ بيروت ۾ آمريڪي سفارتخاني وٽ ٿيل بم حملو ۽ 1985ع ۾ ٽي ڊبليو اي جي اڏام نمبر 847 جي هائجيڪنگ شامل آهن. حزب الله ارجنٽينا ۾ 1992ع ۾ اسرائيلي سفارتخاني تي حملن ۽ 1994ع ۾ بيونس آئرس ۾ ارجنٽينا جي يهودي ميوچل ايڊ سوسائٽي تي حملن ۾ ايران سان گڏ شامل هو. 2012ع ۾ حزب الله جي ماڻهن بلغاريا ۾ هڪ ڪامياب آپگهاتي بم حملو ڪيو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن آذربائيجان، قبرص، مصر، ڪوويت، نائيجيريا، پيرو ۽ ٿائيلينڊ جهڙن ملڪن ۾ حزب الله جي دهشتگرداڻي حملن جي ڪوششن ۽ منصوبن کي ناڪام بڻايو.
8 آڪٽوبر 1997ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت حزب الله کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. ان کانپوءِ 31 آڪٽوبر 2001ع تي آمريڪي ناڻي واري کاتي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق حزب الله کي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ حزب الله جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي حزب الله سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. حزب الله کي ڄاڻي واڻي سامان يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.